درگاهه سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني

درگاهه سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني

سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني

سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني: سيد عبدالوهاب شاهه، سنڌ جو مشهور بزرگ ۽ عارف ٿي گذريو آهي. سندس تعلق جيلاني ساداتن سان هو. پاڻ وقت جي مشهور بزرگ ۽ جيد عالم سيد احمد شاهه جو فرزند هو، ننڍيءَ عمر ۾ ئي عربي، سنڌي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل ڪري ورتائين. سندس طريقو قادري هو ۽ 20 سالن تائين پيري مريديءَ واري سلسلي سان لاڳاپيل رهيو، ان کانپوءِ دنيا کان منهن موڙي، تارڪ ٿي، جبلن جي اوٽ ۾ ياد الاهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو.
سيد عبدالوهاب شاهه جيلاني، شريعت جو پابند هو. ست حج به ڪيائين. وقت جو عالم ۽ مفتي هو. ڪيتريون فتوائون به جاري ڪيائين. 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
سندس مزار پڪي قلعي لڳ مولا عليءَ جي قدمن سان گڏ حيدرآباد ۾ آهي، جتي هر سال 26، 27 ۽ 28 ربيع الثانيءَ تي ميلو لڳندو آهي.


لفظ سيد عبدالوهاب شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو